اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عيد جي موقعي تي بين الصوبائي، انٽر ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، چنڊ واري رات بازارُون بند هونديُون. اين سي او سي پاران جاري بيان موجب 10 کان 15 مئي تائين عيد موڪلن جو مقصد ملڪي سطح تي چرپر کي محدود ڪرڻ آهي، نجي گاڏين، رڪشائن، ٽيڪسين کي 50 سيڪڙو سوارين سان سفر جي اجازت هوندي، 8 کان 16 مئي تائين گهر رهو محفوظ رهو جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. يوم علي، شب قدر، اعتڪاف، جمعته الوداع لاءِ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد پهرين مئي کان ٿيندو. چنڊ واري رات مهندي، جيولري، ڪپڙن جي اسٽالن تي پابندي هوندي، اين سي او سي موجب تفريحي ماڳ، پبلڪ پارڪس، شاپنگ مالز 8 کان 16 مئي تائين بند رهندا، اين سي او سي چيو آهي ته ”گهرو رهو، محفوظ رهو“ جي حڪمت عملي تحت سموريون مارڪيٽون، دڪان، ڪاروبار بند رهندا تنهن هوندي به ضروري خدمتن جنهن ۾ پنساري اسٽورز، ميڊيڪل اسٽورز، ويڪسينيشن سينٽرز، ڀاڄين، فروٽس جا دڪان، گوشت جا دڪان، بيڪريون، پيٽرول پمپس، ٽيڪ اوي ۽ اي ڪامرس (هوم ڊليوري) سان يوٽيليٽي سروسز جنهن ۾ بجلي، قدرتي گئس، انٽرنيٽ، سليولر نيٽ ورڪس/ ٽيلي ڪام، ڪال سينٽرز ۽ ميڊيا هائوسز شامل آهن کليل رهندا، اين سي او سي لوڪل ۽ آئوٽ سائيڊرز جي لاءِ سمورن تفريحي ماڳن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان لاءِ سمورا تفريحي ماڳ، پڪنڪ پوائنٽس، پبلڪ پارڪس، شاپنگ مالز، سمورا هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جيڪي تفريحي ماڳن جي ويجهو آهن بند رهندا، سياحتي ماڳن طرف ويندڙ رستن کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مري، گليات، سوات، ڪالام، سي ويو ساحل، اترين علائقن ۽ ٻين سياحتي ماڳن تي فوڪس رکيو ويو آهي، خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي ماڻهن کي گهر واپس وڃڻ لاءِ سفر جي اجازت هوندي، 7 مئي تائين مسافرن کي وٺي وڃڻ لاءِ اضافي ٽرينون هلايون وينديون.
متعلقہ مضامین
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US