اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪري، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪسين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪابينا ڪنهن به دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن چيو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ڪئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade