اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت سان گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.
متعلقہ مضامین
-
Punjab to have uniform education system: Firdous
-
74 new covid cases in Sialkot
-
Several Professors, Students test Covid positive in Jamrud
-
LCA demands wheat rate fixation, stoppage of smuggling
-
PHP protecting lives & property of people: Report
-
Doctors, businessmen, senior citizens term alleged rape case fabricated
-
Test held for recruitment of teaching staff
-
The Election Commission summoned Senator Yousuf Raza Gilani
-
Faisal Mosque closed to public as coronavirus cases surge
-
Ban on construction activity on agri land demanded
-
Swat traders reject Sunday lockdown
-
Swat traders reject Sunday lockdown