اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
AMAN-21-The message resonates
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Aman-21: the message resonates