اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله زايد النهيان ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي نائب وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي کين مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله زايد النهيان کي نائب وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته وزيراعظم دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي امارات جو نائب وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مقرر ٿيڻ تي پڻ دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم انهن مقررين تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي اڳواڻن جي نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’