اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي قابض عملدار پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم جي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، اهي خدشا آهن ته والاريل علائقي کان ٻاهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان قيمتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي قدرتي وسيلن جي حق کان محروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير جي ماڻهن جو پنهنجي وطن جي دولت تي سڀ کان وڌيڪ حق آهي جنهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ۽ پنهنجي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Another minor girl raped in Khairpur