اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقانوني حيثيت طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏيهي وزير انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيثيت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla