بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين جي خلاف غاصب اسرائيل جا جنگي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم اسرائيل پاران غزه اسپتال تي حملي ۽ هڪ ئي ڏينهن حملن جي نتيجي ۾ 500 فلسطينين جي شهادت کي انسانيت سوز ۽ انساني حقن جي شديد خلاف ورزي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين تي اسرائيلي حملن جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ فوري جنگبندي سان گڏوگڏ متاثرين تائين امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين جي خلاف غاصب اسرائيل جا جنگي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
India gives $500m to terror outfits to intensify proxy war against Pakistan
-
PAKISTAN NAVY CONDUCTS BILATERAL EXERCISES WITH RUSSIAN AND SRI LANKAN NAVY SHIPS
-
Police submit charge sheet in court in motorway rape case
-
Government approves construction proposal for Rawalpindi Ring Road
-
CAA decides to review national aviation policy
-
CAA decides to review national aviation policy
-
Plan for Gwadar oil city likely to be finalised by year-end
-
CAA decides to review national aviation policy
-
SBP takes steps to promote safe digital & card transactions
-
SBP takes steps to promote safe digital & card transactions
-
PTI legislators on one page to support its candidates in Senate election
-
22.93m families of Punjab to be facilitated with free health coverage: minister