اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي. عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.
متعلقہ مضامین
-
BNU observes 15th Convocation
-
PTI legislators on one page to support its candidates in Senate election
-
IS THERE A NEED FOR REFORMS TO THE UPPER HOUSE-SENATE OF PAKISTAN (Aiwane Balla)?
-
Listen to your parrots, return to Kashmir dialogue with Pakistan: Afridi tells Modi
-
Pakistani peacekeeper dies in Khartoum of traffic accident-related injuries
-
Scrutiny committee points out 150 lawyers in IHC attack
-
President urges France ‘not to entrench discrimination against Muslims into laws’
-
Safari train between Golra and Attock launched for tourists
-
ECP statement on NA-75 charge sheet against govt
-
Safari train between Golra and Attock launched for tourists
-
Construction of Baba Guru Nanak University to complete soon: Ijaz
-
Construction of Baba Guru Nanak University to complete soon: Ijaz