باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ترڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.
متعلقہ مضامین
-
JI issues strategy guidelines on Covid vaccine, education
-
DRAP approves marketing of CanSinoBIO vaccine
-
PNCA to open regional culture centre in GB
-
Seven die in truck-passenger coach collision due to fog
-
Kashmiris in IIOJK face annihilation: Masood
-
EC holds the fate of the whole country :SC
-
EC holds the fate of the whole country :SC
-
RESCUE CADET CORPS LAUNCHED FOR SOCIAL CHANGE
-
Bus-trailer collision leave 5 dead, 25 injured in Attock
-
President for prompt disbursement of welfare fund to support needy artists
-
India trying to project all normal in burning IIOJK: Masood
-
USAID director calls for promoting water governance