اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو عزم آهي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آهي، هن چيو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن استادن کي جديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ايندڙ نسل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Punjab introduces app to monitor ACs’ performance: Bukhari
-
Man injured in acid attack
-
Proposed levy on LPG imports via land route may impact Balochistan
-
Govt plans first $500m green bond to fund hydropower projects
-
Pakistan considered as influential country worldwide: Masood
-
Proposed levy on LPG imports via land route may impact Balochistan
-
SC hears PPP’s arguments on open ballot for Senate election
-
ECC rescinds Neelum Jhelum surcharge with immediate effect
-
Human Rights Minister Dr Shireen Mazari meets with families of missing persons
-
PAKISTAN NAVY CONDUCTS BILATERAL EXERCISES WITH RUSSIAN AND SRI LANKAN NAVY SHIPS
-
No oxygen arrangements at Chandka hospital
-
Pakistan-Turkey joint military exercise “ATATURK-XI 2021” concludes