نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ملاقات دوران ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگران پرڏيهي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگران پرڏيهي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دوران ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگران پرڏيهي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Shalamar Medical & Dental College organizes 6th Convocation Ceremony
-
CNC visits Turkish Naval Shipyards
-
PTI not interested in reviving PIA, says Sherry Rehman
-
Public health must be preferred over politics
-
Public health must be preferred over politics
-
RTO to set up help desk at FCCI
-
Pattoki judges unite against misbehaviour with female colleague
-
Govt to provide satellite imagery of Billion Tree Tsunami project to SC
-
PDM rallies posing serious threat to peoples’ lives: Shibli
-
Promise to provide justice at doorsteps fulfilled through PCP: FM
-
Sindh Culture Day celebrated
-
Food & shelter for needy