اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي ميئر وزيراعظم کي ڪراچي جي انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي بلديه عظميٰ سان ڀرپور تعاون ڪنديون. هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم منهنجو پهريون سرڪاري دورو ڪراچي جو هو ۽ ان دوري ۾ ڪراچي جي صنعتي ۽ واپاري برادري سان ملاقات ۽ انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت جاري ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح هئي.
متعلقہ مضامین
-
PM enjoys with pet dogs as PDM holds rally
-
Demand for face masks helps tailors earn livelihood amid Covid-19
-
PDM only wants to get corruption files closed
-
Pakistanis can no more be fooled by gimmicks of ‘political thugs’: Afridi
-
Islamabad Traffic Police fined 10,560 amateur drivers during ongoing year
-
Criminals hack ATM in Rs3.34m Peshawar heist
-
Bilawal seeks permission to meet Shehbaz in jail today
-
PDM leaders look dejected after Lahore, gets cold response from public: Shibli
-
CTD arrest three ‘militants’ in Lahore
-
Police file two cases against PDM activists, leaders
-
PM prays for Maulana Tariq Jameel’s swift recovery from Covid-19
-
‘China committed to support PM Imran Khan’s Vision for Green Pakistan’