ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي بلوچستان جي عوام جو ٻيو گهر آهي ۽ تعليم دوران اسان موڪلون گذارڻ ڪراچي ايندا هئاسين، بعد ۾ خبر نه آهي ڪنهن جي هن شهر کي نظر لڳي وئي ۽ هي شهر جيتريون خوشيون ڏئي رهيو هو ائين ئي هتي ڏک به ڏٺا ويا. ڪراچي مختلف رنگ ۽ نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. الله تعاليٰ سان جي دلين کي ڳنڍيندو ۽ گڏيل نفرتن کي ختم ڪندو ۽ پوءِ هڪ نئين ڪراچي ۽ نئين پاڪستان جي شروعات ٿيندي ۽ اهو ئي اهو پاڪستان هوندو جنهن جو علامه محمد اقبال خواب ڏٺو هو ۽ ان جي قيام جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جدوجهد ڪئي هئي. قائداعظم عام ماڻهن جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو هو ۽ هو عام ماڻهو جو اڳواڻ هو. الله تعاليٰ کيس بصيرت عطا ڪئي هئي. اسان جي خطي ۽ پاڙيسريت ۾ جهڙي طرح مسلمان ڀائرن ۽ ٻين اقليتن جو حال آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪيتري وڏي نعمت قائداعظم جي بصيرت جي ڪري اسان کي حاصل ٿي ۽ هو ايندڙ حالتن کي پرکي چڪو هو ۽ هن عملي جدوجهد ڪري اسان جي لاءِ هڪ جدا وطن حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان قيامت تائين انهن جا احسان مند رهنداسين. ان احسان مندي جي گهرج آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪستان قائم ٿيو ان کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ان موجب زندگي گذارڻي آهي. اسان کي گڏيل احترام ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقي سان کائڻ کان منع ڪري ٿو. هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ۽ برداشت ۽ تحمل سان 92 سيڪڙو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، سنڌ جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ان حوالي سان توهان سان رابطي ۾ رهندا. ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا ۽ شايد ڪجهه حل نه ٿي سگهن. اسان هڪ ٻئي جي مجبورين ۽ حدن کي سمجهون ٿا پر ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي مقرر مدي ۾ احسن طريقي سان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين.
متعلقہ مضامین
-
ICT launches drive for awareness on labour laws
-
PDM trying to create unrest in country: Bangash
-
Canadian HC felicitates Pakistani doctor for introducing instant Covid-19 test via smartphone
-
Renaissance of Pak-Russia Relationship-II
-
PDM trying to create unrest in country: Bangash
-
Revolutions in Pakistan via recycled clichés
-
Two Saudi flights to Lahore diverted to Karachi
-
Demand for face masks helps tailors earn livelihood amid Covid-19
-
Pakistanis can no more be fooled by gimmicks of ‘political thugs’: Afridi
-
Secretary-General Shanghai Cooperation Organization addresses the inaugural plenary of 4-day 23rd Sustainable Development Conference in Islamabad
-
Pakistan to remove hitches in quick completion of CPEC projects
-
Islamabad Traffic Police fined 10,560 amateur drivers during ongoing year