اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ ريلوي واري وزارت جي چارج سنڀالي ورتي آهي. ريلوي واري وزارت جي آفيسرن نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ريلوي واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري سيد مظهر علي شاهه ريلوي جي انتظامي ۽ آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته مسافرن جو تحفظ اولين ترجيح آهي، ٽرين آپريشن سڀني لاءِ خوشگوار ۽ محفوظ هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ وزارت ۽ ان سان جڙيل سمورن کاتن کي مسافرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سمورا کاتا فوري طور تي حفاظت بابت آڊٽ ۽ اسيسمنٽ ڪن ۽ رپورٽ 7 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي. نگران وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون پاڪستان لاءِ هڪ اهم ۽ اسٽريجڪ منصوبو آهي، ريلوي جي آمدني کي بهتر بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan Navy, ANF seize drugs in joint operation
-
Smokers propose imposition of health levy on cigarettes to discourage use
-
Punjab Governor calls on Saudi envoy in Islamabad
-
Buzdar seeks joint efforts to curb coronavirus spread
-
Karachi’s Red Line BRT plan to begin in two months, Qadir
-
Iftikhar Shallwani removed as commissioner, administrator Karachi
-
FO rejects Indian attempt to deny EU DisinfoLab report
-
India appoints new Charge d’Affaires to Pakistan
-
ICT launches drive for awareness on labour laws
-
25 injured in explosion near Rawalpindi’s Ganj Mandi police station
-
Revolutions in Pakistan via recycled clichés
-
PM enjoys with pet dogs as PDM holds rally