اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين جي نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.
متعلقہ مضامین
-
Covid and pollution: intimately linked, compound threat
-
Covid and pollution: intimately linked, compound threat
-
Kaavan is going home on November 29
-
Building, four vehicles torched as PPP’s protest in GB turns violent
-
Pakistan records positivity ratio of 7.46% as 2,756 more test positive
-
Clarification regarding Press Conference of Dr Ishrat Husain
-
Clarification regarding Press Conference of Dr Ishrat Husain
-
Clarification regarding Press Conference of Dr Ishrat Husain
-
‘We’re drowning’: COVID cases flood hospitals in America’s heartland
-
PANAH wonders why health levy bill has not been implemented
-
Anti-rape ordinance gets federal cabinet approval
-
PANAH wonders why health levy bill has not been implemented