اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. هن چيو ته آصف دراني دوري دوران افغانستان جي وقتي نائب وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي وزير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وزير شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
PPP reiterates demand for fresh elections in country
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food