ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزير حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan imposes ban on exhibition of Indian films
-
Pakistan imposes ban on exhibition of Indian films
-
Pakistan imposes ban on exhibition of Indian films
-
Pakistan urges world to help avert ‘genocide of Kashmiris’
-
Five women drown in River Indus near Gilgit
-
Hamza Shehbaz’s physical remand extended by 11 days
-
Saeed Ghani reviews situation during rain
-
Saeed Ghani reviews situation during rain
-
Transporters block Pak-Afghan highway over nonpayment of dues
-
PMYAP to launch PM’s Hunarmand Jawan Program
-
Special status for Held Kashmir fed ‘terrorism’: Modi
-
Kashmir dispute must be resolved as per UN resolutions: Ali Nawaz Awan