اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارتڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن صدر سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ کڻي سگهجن ٿا. صدر سينيئر بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Sarsabz Fertilizer hosts 400 farmers from Swabi, Mardan
-
Buzdar inaugurates land record centres set up across Punjab
-
Government, army and judiciary on the same page, says president
-
ATC sends Motorway rape case key suspect Abid Malhi on 14-day judicial remand
-
Students demand autonomy for Nawaz Sharif Medical College, Gujrat
-
Transferred
-
Good news for Tik Tok users – Negotiations between PTA and Tik Tok management started
-
Transferred
-
16 years of service to humanity
-
Panahgahs in Islamabad to be transformed into model facilities
-
Accountability court defers Siraj Durrani’s indictment till Nov 4
-
Sindh won’t hold talks with Centre on islands ordinance: Murad