اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.
متعلقہ مضامین
-
NAB okays references, inquiries against Sharjeel, Ghauri, Fawad, Parveen
-
Cylinder blast in a house injures two near Iqbal town in Lahore
-
Commander of United States Central Command (US CENTCOM) arrives in Pakistan
-
Continued siege in Kashmir worst example of rights violations: PM
-
Classmates of Hunain attempted to burn school
-
Trilateral dialogue vows support to Afghan peace
-
Pakistan condoles over demise of former President Robert Mugabe
-
AIOU considered best for distance learning
-
CENTCOM chief visits Tarbela Dam
-
Sindh Minister offers condolences over sad demises
-
Air Force Day recalls bravery and courage of PAF pilots: Firdous
-
AIOU considered best for distance learning