اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي عالمي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.
متعلقہ مضامین
-
District administration’s Measures to maintain law and order in days of Muharram
-
No one can separate Karachi from Sindh: Siraj Durrani
-
Ghauri Town corruption scam: decision made to open cases against ‘land mafia’
-
ATC to announce verdict in PTV, parliament attack case on Sept 15
-
Dr Moeed revives Advisory Board of National Security Committee
-
Another Congo virus case surfaces in Quetta
-
District administration’s Measures to maintain law and order in days of Muharram
-
Still a long way to go, says PM
-
CS officer raises concerns over the appointment of Chief Secretary in KP
-
Still a long way to go, says PM
-
CTD kills two terror suspects
-
IHC rejects appeal by sugar mill owners against inquiry commission