اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي عملي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خبر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.
متعلقہ مضامین
-
Govt may again close mosques if guidelines violated, warns PM
-
Chinese airplane carrying medical supplies lands in Islamabad
-
Shehbaz Sharif to appear before NAB team today
-
Providing relief to people amid COVID-19 outbreak is govt’s priority: Firdous
-
Complete lockdown being observed in Abbottabad city
-
COVID-19 changed social rituals of deceased’s burial and funeral
-
Coronavirus: China making history as a ‘global saviour’
-
Punjab to have four additional coronavirus diagnostic labs
-
NAB to challenge release of beneficiaries of NAB ordinance
-
NAB to challenge release of beneficiaries of NAB ordinance
-
Covid-19: future warfare at sea
-
CM inspects distribution of financial aid among needy women in TT Singh