اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سڄي ملڪ جي پبلڪ يونيورسٽيز مان 92 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن، هلندڙ سال جي لاءِ سڄي ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان مان احساس اسڪالرشپس جي لاءِ هڪ لک 22 هزار 744 درخواستون ملي چڪيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو احساس پروگرام گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ٻارن جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي خواب جي تعبير کي ممڪن بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته جون 2023ع تائين اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 4 يا 5 سالا گريجوئيشن پروگرام جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi