ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ انگ ۽ معيار جي لحاظ کان وڌيڪ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا کي ان شعبي ۾ انهن گريجوئيٽس جو وڌيڪ انگ گهرجي، چِپ مينوفيڪچرنگ 2030ع تائين 1.3 ٽريلين ۽ ويجهي مستقبل ۾ آءِ ٽي سيڪٽر اربين ڊالر جي صنعت هوندي جنهن جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 80 ملين کان وڌيڪ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (يو آئي ٽي) يوينورسٽي ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پاڪستان جي پهرين اوپن سورس آر آءِ ايس سي – دي مائيڪرو پروسيسر کي ڊيزائن ڪرڻ تي يو آءِ ٽي ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ گهرجن، سرڪاري ۽ نجي ادارن کي ان شعبي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ گريجوئيٽس پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪوانٽم ليب قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن ورچوئل يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي کي ساراهيندي چيو ته اهي ان شعبي ۾ گريجوئيٽس تيار ڪري بهترين ڪم ڪري رهيون آهن، ان کانسواءِ ان شعبي ۾ وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي لاءِ آن لائين ڪلاسز منعقد پڻ ڪري رهيون اهن. هن چيو ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر جي لاءِ هر قسم جي سپورٽ جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ٽيڪسٽائيل، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي. صدر چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان وٽ هيومن ريسورس سستو آهي. هن چيو ته ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ هر شخص جي ضرورت آهي ۽ حڪومت کي ان جي لاءِ موقعا پڻ پيدا ڪرڻ گهرجن. هن يو آءِ ٽي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته يونيورسٽي پاڪستان جو پهريون اوپن سورس رسڪ بيسڊ مائيڪرو پروسيسر تيار ڪري آءِ ٽي انڊسٽري ۾ وڏي خال کي ڀرڻ ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي سيليڪون فيڊريشن جي چيئرمين نويد شيرواني چيو ته 40 چپس ۽ ڊيزائين ليبس پوري پاڪستان ۾ قائم ڪيون وينديون ۽ يو آءِ ٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ٻه سال اڳ هڪ ننڍي ڪمري ۾ چپ تيار ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شعيب زيدي پڻ خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
EU calls for ‘full ceasefire’ in Afghanistan over coronavirus
-
Stop killing birds
-
CDA conducts massive anti-encroachment operation in Bari Imam, demolishes structures
-
Stop killing birds
-
Finance secretary invites protesting Audit dept officials for negotiations
-
Five of a family die as train hits Chingchi rickshaw near Rohri
-
First Saraiki novelist laid to rest
-
YDA demands personal protective equipment for health professionals
-
Quarantine centres to be formed in Kala shah kaku campuses and parks
-
Visit to China was to show solidarity with Chinese: President
-
Firdous accuses PML-N of politicising ‘sensitive’ coronavirus issue
-
Hearing of plea against sanitizers’ shortage extended till April 07