اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪشمير ڪميٽي پاران مختلف عالمي فورمن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين عالمي پارلياماني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ان مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
Foreign secretary is pleased to ‘appoint’ NAB DG’s daughter
-
NA-258 by-election, peaceful but dull
-
Stubborn PEMRA serious threat to freedom of press: Azeem
-
General Hayat visits Naval Headquarters
-
NA passes Income Tax, Public Private Partnership Authority bills
-
Regional connectivity in South Asia inadequate: experts
-
Session judge extends bail of PTIs Gandapurs case
-
SHC suspends govts order regarding deportation of Pak-Turk schools staff
-
Sherry slams PM over release of unabridged readout
-
Lahore gets a new morgue