اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آهن، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چيو ته مقصود، شهباز شريف جي ملز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا شريف فيملي جي اڪائونٽس ۾ پهچي ويا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي ان ڪيس جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Groom booked for violating section 144 in Multan
-
PM chairs NCC meeting for COVID-19 in Islamabad
-
No need to panic, coronavirus situation still under control, says Zafar Mirza
-
PM chairs NCC meeting for COVID-19 in Islamabad
-
Anti-polio drive to begin in Larkana from today
-
KP CM talks to suspected coronavirus patient via video link
-
Coronavirus: jirgas banned, NADRA offices shut in Landi Kotal, Jamrud and Bara
-
Gulbahar building collapse: court grants remand of six accused
-
Governor asks people to avoid visiting markets amid coronavirus outbreak
-
Governor asks people to avoid visiting markets amid coronavirus outbreak
-
Coronavirus: PM Imran Khan, Maulana Tariq Jamil enact ‘social distancing’
-
Justice Mazahir Ali Naqvi sworn in as Supreme Court judge