اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪويٽي، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تعريفي جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
Change of command
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
Didnt contest elections to resign: Nawaz
-
Senior most generals hardly become COAS, history reveals
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House
-
NTDC efficiently concludes transmission line projects
-
Kaptaan to strategically reveal substantial evidence
-
Indian interested in importing Pakistani kinnow: FPCCI
-
Dar congratulates Bajwa, Zubair