بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PEMRA suspends licenses of Din News, Neo TV
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle