اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آهي، عمران خان جي ڪري انهن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي رهي، انهن جي ڪهڙي گڏيل ايجنڊا آهي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته انهن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آهي، ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز شريف جو ڪيس هلي رهيو آهي، پنهنجي ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون، سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سڀني صدرن پنهنجي ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدرن کي 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظم عوام ۾ اچي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آهن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيصل آباد جو دورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو بار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آهي. هن چيو ته 31 مارچ تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آهن. سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته جتي ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي پيڪ منصوبو سست ٿي ويو آهي، انهن کي بري طرح ناڪامي ٿي آهي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏائيندا ڏسڻ اچڻ ٿا، انهن جي گڏيل ايجنڊا آهي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پنهنجي ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج جو ڪو خوف نه آهي. هن چيو ته ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز جو ڪيس هلي رهيو آهي. هن چيو ته لاهور پي ڊي ايم کان ٽائين ٽائين فش فش ٿي وئي هئي. پنهنجي ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Verdict on Mian Tariq bail in judge video scandal toady
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Extension in winter vacation demanded
-
Foodpanda expands its operations to Sahiwal
-
Engro shuts down Karachi offices for three days after employee tests positive for coronavirus
-
Bill seeking Senate polls by show of hands tabled in NA
-
Funeral prayer of martyred Col Mujeeb offered in Astore
-
Afghan army ‘warmly welcomes’ PTM leaders at Torkham