اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، حڪومت هاڻي سختي ڪندي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قومي صحت وارو خاص مددگار ۽ قومي رابطا ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آهيون ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن سميت سڄي قوم متاثر ٿيندي آهي پر ڏهاڙيدار ۽ غير طبقو بلڪل پيڙهجي ويندو آهي، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪمائيندو آهي تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آهن، اسان کي مشڪلاتن جو احساس آهي پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Sahiwal encounter illegal
-
MCR’s reluctance for ‘reassessment’ of the leased land
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
Hamza allowed to travel abroad
-
EPD fails to update air quality monitoring system