اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي پنهنجي گهرن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي ڏنل پيڪيج ۽ مراعتن جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، معاشي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت فراش ٽائون ۾ اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته جنهن منصوبي جي اسان ايتري عرصي کان تياري ڪري رهيا هئاسين ان تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مارگيج فنانسنگ لاءِ بئنڪن سان ڳالهيون ڪيون، انفراسٽرڪچر بڻايو ته جيئن عام ماڻهو کي گهر جي تعمير لاءِ سستو قرض ملي سگهي ۽ غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي، هاڻي هائوسنگ جون اسڪيمون ۽ بئنڪ به قرض ڏيڻ تي تيار ٿي چڪا آهن. فراش ٽائون ۾ 2 سالن جي اندر ماڻهن کي فليٽس تعمير ڪري ڏنا ويندا، ان منصوبي تي ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته بئنڪ عام ماڻهو کي گهر جي تعمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي، هاڻي به بئنڪن جي هيٺين اسٽاف طرفان ڪجهه رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي کي مبارڪون ڏيان ٿو ته جنهن نئون پاڪستان هائوسنگ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان سي ڊي اي ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ آٽوميشن طرف وڃي رهيا آهيون، ماڻهن کي اجازت ناما حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، آٽوميشن ۽ ون ونڊو آپريشن سان انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جهڙي طرح ايف ڊبليو او رڪارڊ مدي ۾ ڪرتار پور راهداري جي منصوبي کي مڪمل ڪيو اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ جي ان منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيوويندو. وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ تحت ان منصوبي جي ذريعي پهرين 2 هزار فليٽس ان طبقي کي فراهم ڪيا ويندا جيڪي پنهنجو گهر بڻائڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا ۽ اهي عام ماڻهو صرف پنهنجي گهر جو خواب ئي ڏسي سگهندا هئا. ان اسڪيم جي ذريعي جيڪو پئسو گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندا هئا اهو ئي بئنڪن جي قرض جي صورت ۾ ڏئي پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي ويندا، اهو منصوبو عام مزدور، مڪينڪ، ويلڊر جهڙن پورهيت طبقن لاءِ آهي جنهن وٽ پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن پئسو نه هوندو هو، اسان هارين لاءِ به رهائشي منصوبو وٺي اينداسين.وزيراعظم چيو ته حڪومت هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي لاءِ 3 لک روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، سي ڊي اي 600 گهر ڪچي آبادي جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، انهن غير قانوني ڪچي آبادين ۾ سيوريج سسٽم آهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي، اسان ڪچي آبادين کي تبديل ڪنداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.
متعلقہ مضامین
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US