اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.
متعلقہ مضامین
-
Brawl over petty issue claims old mans life
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
COAS stresses coordination among army, PAF and navy
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Veterans welcome new COAS, express disappointment towards Western allies