اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وزيراعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Two killed after house roof collapsed
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Senior most generals hardly become COAS, history reveals
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
COAS stresses coordination among army, PAF and navy
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House