اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ۾ قائم عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ ويمن ڪاڪس جي ڪنوينر ڊاڪٽر شاهده رحماني سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ اقليتن لاءِ قومي لابنگ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪرشن شرما، جئه پرڪاش موراڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگهه، رومانه بشير، پرڀو ستياڻي، پشپا ڪماري، حب ڪوڪ گل، شهزاد فرانسيس ۽ هارون سربديال شامل هئا. ملاقات ۾ مذهبي اقليتن کي درپيش مختلف سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايجنڊا جي ٻن اهم نقطن هندو ميريج ايڪٽ ۽ برابر ملڪيتن جي حقن جي ايڪٽ تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو 1973ع جي آئين تحت مذهبي اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. وفد ڊاڪٽر شاهده رحماني طرفان ملندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قانون سازي جي عمل ۾ ڊبليو پي سي کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد چيو ته ڊاڪٽر شاهده رحماني قانونسازي ۽ بيورو ڪريٽڪ سطح تي اقليتي گروپن جي عورتن لاءِ ڊبليو پي سي جي حمايت کي يقيني بڻايو. هن پاڪستان ۾ اقليتي گروپن کان عورتن جي تحفظ لاءِ صوبن ۾ قانونسازي جي عمل کي جاري رکڻ جي تصديق ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
A Woman of Great Substance