سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector