اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست نه ڏني، ان پارٽي ۾ شموليت به اختيار نه ڪئي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، انٽرا پارٽي اليڪشن ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن به جمع نه ڪرائي ۽ الزام اليڪشن ڪميشن تي هڻي رهيا آهن، انهن لاءِ رڳو اهي معصوم آهن ۽ باقي سڀ قصوار آهن. پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل جو اظهار ڪندي سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انٽرا پارٽي چونڊُون توهان ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن توهان جمع نه ڪرائي، اها سياسي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، اها توهان جوائن نه ڪئي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي طور تي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست توهان نه ڏني ۽ قصوروار اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيا آهيو، رڳو توهان معصوم ۽ باقي سڀ قصوروار آهن.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Another minor girl raped in Khairpur