اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چيف جسٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي اڪثريت جو آهي. فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ڪري، سپريم ڪورٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case