لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.
متعلقہ مضامین
-
Modi govt targeting Muslims systematically, says HRW
-
SC hears PPP’s arguments on open ballot for Senate election
-
Human Rights Minister Dr Shireen Mazari meets with families of missing persons
-
ECP statement on NA-75 charge sheet against govt
-
Four RO water filtration plants inaugurated in Lyari
-
Gas companies taking steps to bring down UFG ratio gradually
-
Industrial power consumption up by 17pc in Jan: Hammad
-
Will PTI be able to knock out opposition in Senate election?
-
“Will leave no stone unturned to recover my father” says Sajid Sadpara
-
Army supports PM’s decisions for country: Fawad
-
Covid-19 claims 32 lives, infects 1,541 more people
-
Three airlines seek permission to operate flights in country