اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پوندو. صدر باباءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan assures steadfast support to just cause of Kashmiri people
-
Pakistan enjoys close relations with all GCC member states
-
‘Academy of Excellence’ set up for professional media trainings
-
MQM-P to support Arbab Ghulam Rahim in PS-52 by-polls
-
Ashrafi stresses to take unified steps to completely eliminate terrorism
-
Pakistan assures steadfast support to just cause of Kashmiri people
-
Four cops held for opening fire at vehicle, killing Levies man
-
Pakistan rejects India’s malicious statement over ATC conviction
-
Active Covid-19 cases reach 33,474 as 2,007 more people test positive
-
Pakistan rejects India’s malicious statement over ATC conviction
-
PM vows all-out efforts to protect Hazara community
-
Remittances in last six months remain $14.2bn: Aleem