اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلوچستان ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪچين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آهن جن مان مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته بلوچستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته آبپاشي معاملي تي بين الصوبائي خدشن کي جلد ختم ڪيو ويندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Extraordinary measures needed to deter Coronavirus increase: Senator Rehman Malik
-
Hearing of assets reference against Dar adjourned over lawyer’s absence
-
Health Levy Bill: A new source for increasing government revenues
-
Alvi confers Nishan-e-Imtiaz Military on Chinese defence minister
-
17 police officials involved in PARCO oil theft scam
-
Senior Afghan Taliban leader arrested from Quetta
-
Shibli regrets open violations of Covid SOPs by opposition
-
SC bench formed to hear sacked IHC judge’s appeal
-
17 police officials involved in PARCO oil theft scam
-
17 police officials involved in PARCO oil theft scam
-
Anti Benami Initiative files 72 references
-
PDM should reconsider protest rallies: Governor