اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي، ذخيره اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آهي، ان رجحان کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، بيوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم ادارو آهي، ان سان گڏوگڏ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ بهتري ايندي. نگران وزيراعظم ادارن کي پنهنجي اپروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي خلاف خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آهن، آءِ بي جو ان حوالي سان تمام اهم ڪردار آهي، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
State fails to provide speedy justice to citizens: CJ IHC
-
10,560 amateur drivers fined during ongoing year
-
Bilawal seeks permission to meet Shehbaz in jail today
-
10,560 amateur drivers fined during ongoing year
-
SU digitizes its 60 affiliated colleges by launching e-portal system in a bid to facilitate approx. one lac students in submitting admission, exam forms
-
PDM leaders look dejected after Lahore, gets cold response from public: Shibli
-
Covid-19 runs unchecked in overcrowded prisons
-
Covid-19 runs unchecked in overcrowded prisons
-
Police file two cases against PDM activists, leaders
-
Fog disrupts air, road traffic in Punjab, Sindh
-
Vermaut seeks screening of rights bodies for spreading fake news about Pakistan
-
Pakistanis can avail logistic discount at China expo