لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف)جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود کي ٽيليفون ڪري خار ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڌماڪي سبب قيمتي جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي، اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ملندي، دهشتگردي جو خاتمو پوري قوم جو عهد آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبرپختونخوا سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڌماڪي جي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شديد زخمين جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي ٻين اسپتالن ۾ منتقلي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Coronavirus becoming deadlier in Pakistan
-
Coronavirus becoming deadlier in Pakistan
-
Mashal murder: PHC commutes convict’s death sentence to life in prison
-
CPDI launches report on state of budget transparency in Pakistan
-
Karachi Circular Railway begins partial operations
-
Outcome of GB polls hardly a victory for PTI, says Maryam
-
Govt again urges opposition to abandon public rallies due to spike in Covid cases
-
Progress made in assets case against ex-DG LDA Ahad Cheema
-
Lord Nazir charged with sexual misconduct by UK parliament
-
Masood terms UNSG’s call for peace sans Kashmir meaningless
-
Punjab, Balochistan impose smart lockdowns as 2,208 more people test positive for Covid
-
FGEHA to auction commercial plots in federal capital