اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت کي گهر نه ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي بانين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي، سي ڊي اي وفاقي محتسب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ جي لاءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، عورت سي ڊي اي کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت کي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان جي ابتڙ سي ڊي اي محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ئي اها رهائش سي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي رشتيدارن جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي سي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
متعلقہ مضامین
-
Akan Rakhmetullin new Kazakh ambassador to Pakistan
-
Ivanka Trump playing positive role in strengthening Pak-US relations: Awan
-
Driver injured as NATO container attacked in Jamrud
-
$2.3bn external public debt in FY 2018-19 lowest in three years
-
Karachi vice: Pakistani cop channels police stories into gritty novels
-
Govt takes control of Ishaq Dar’s bungalow in Lahore’s Gulberg
-
FBR decided to issue notices to at least 100,000 non-filers
-
Shahbaz tells Punjab CS: AC’s removal from cell to be attempt on Nawaz’s life
-
US approves proposed support package for Pakistan’s F-16 fleet
-
Shahbaz tells Punjab CS: AC’s removal from cell to be attempt on Nawaz’s life
-
FBR decided to issue notices to at least 100,000 non-filers
-
Fazl should better sit in ‘hujra’ instead of conspiring against democracy: Firdous