لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهرين جي لاءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو، انتظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Corruption reference against Durrani, others admitted
-
High-level party meeting to be held today: PML-N
-
Rana Sanaullah sent to jail for 14 days on judicial remand
-
Imran Khan himself is the informer involved in Rana’s arrest by ANF: Shehbaz
-
Millions in Indian state of Assam dealing with ‘xenophobic climate’: UN experts
-
Millions in Indian state of Assam dealing with ‘xenophobic climate’: UN experts
-
Millions in Indian state of Assam dealing with ‘xenophobic climate’: UN experts
-
Pakistan’s first Tourism App for mobile launched by KP Govt
-
NAB challenges Babar Awan’s acquittal
-
Each Hajj pilgrim to be refunded up to Rs 58,000
-
NAB challenges Babar Awan’s acquittal
-
When Rome was starving, Caesar would distract with Gladiators: Bilawal