اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NUML’s Rawalpindi branch opens