اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهيدن جي وارثنس ان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Economic growth through infrastructure development
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Primary schools open from today across country
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Now time for Pakistan and Afghanistan to define a new vision: Dr Abdullah Abdullah
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30