اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ جنوري ۾ گڏيل قومن جي ميزباني ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ٿيندي جنهن ۾ نئين سر تعمير جو پلان دنيا آڏو رکنداسين، پاڪستان کي ٻوڏ سان شديد تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، عالمي ادارن نقصان جو اندازو 30 ارب ڊالر لڳايو آهي. ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ڪيل رهائشي يونٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج گڏجي ڪم ڪيو آهي، ريسڪيو ۽ ريليف جي دوران هزارين ماڻهن جون زندگيون بچايون ويون، هاڻي اسان نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جنوري ۾ گڏيل قومن جي ميزباني ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ٿيندي جنهن ۾ نئين سر تعمير جو پلان اسان دنيا آڏو رکنداسين. تقريب کي ڪيپٽن (ر) شجاعت عظيم ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر محمود احمد خان ڀٽني پڻ خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
CM reviews progress on economic zones project
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry