اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ضرورتن ۽ معذورين کي نظر ۾ رکندي انهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي ۽ معاسرتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري انهن کي برابر جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، ڪيٽي، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز جهڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت معاشري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز خاص طور تي معذوري ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي مرڪزن، بئنڪن، واپاري علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي انهن جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي انهن جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي اڳتي اچن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن کي هنر ۽ ضروري تربيت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Economic growth through infrastructure development
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country