اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دوران ساڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Economic growth through infrastructure development
-
Economic growth through infrastructure development
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Primary schools open from today across country