اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پاڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ جي عوام سان سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ماحولياتي تبديلي سان نقصان جو ازالو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پليٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آهي ته گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو تعين ڪريون جيڪو ماحولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته دنيا پنهنجي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.
متعلقہ مضامین
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry
-
Zardari should be given online hearing facility: Rehman Malik
-
Zardari should be given online hearing facility: Rehman Malik
-
Motorway rape victim agrees to record statement, identify culprit: reports